سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
پاروتي: پاروتيءَ جو شمار هندن جي ٽن اهم ديوين ۾ ٿيندو آهي. هن کي پيار ۽ قربانيءَ جي ديوي به چيو وڃي ٿو. هيءَ شِوَ جي پتني (زال) آهي، جڏهن ته ڪي وري هن کي وشنو جي ڀيڻ سمجهندا آهن. پاروتي سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’جبل‘. هيءَ ٻين ڪيترن ئي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. هندن جي ڌرمي پستڪ وراهه پراڻ (Virah) ۾ سندس پيدائش بابت لکيل آهي ته: ”هڪ ڏينهن برهما، وشنو کان آسمان بي ڪنٺ تي وڃي صلاح ڪئي ته انڌڪ (Andhaka) نالي راڪشش، اشور سان ڪيئن مقابلو ڪجي، انڌڪ، ڪسيپ رشي جو پٽ هيو ۽ هن جي ديتي (Diti) نالي زال مان پيدا ٿيو هو. انڌڪ کي هڪ هزار هٿ ۽ سر، ٻه هزار اکيون ۽ پير هيا. هن جو نالو انڌڪ (اونداهي) ان ڪري هو، جو هو انڌو هئڻ جو بهانو ڪندو هو.انڌڪ ڪيترائي ڏوهه ڪيا هئا. هڪ وڏو ڏوهه اهو هيو جو هن اندر ديوتا جي آسمان سورگ مان پَرجِت (Parijata) نالي وڻ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.برهما ۽ وشنو ديوتا، شِوَ کي به ڪنٺ ۾ سڏايو. ٽئي ڄڻا ڪجهه دير ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪندا رهيا. ان دوران هڪ ٻي کي تڪڻ لڳا. جڏهن نظرون مليون ته ٽنهي جي روشن نگاهن مان هڪ ملڪوتي حسين دوشيزه وجود ۾ آئي. جنهن جو رنگ نيري ڪنول جي پتين....وڌيڪ پڙهو